اسلام آباد – 23 – ??وم??ر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آلودگ?? جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پائيدار ماح??لي??تي تحفظ منصوبو وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ آلودگي بابت مسئلن جي حوالي سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته هو ملڪ جي وڏن سهرن کي آلودگي کان بچائڻ لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي حڪمت عملي جوڙين ۽ ان سلسلي ۾ فوري طور تي سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. وزيراعظم چيو ته صاف سٿرو ۽ آلودگي کان پاڪ پاڪستان اسان جي اولين ترجيح آهي. ماح??لي??تي تبديلي بابت مسئلن جي حل لاءِ پائيدار بينادن تي قدم کڻڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته وڏي پئماني تي شهرن ۾ وڻڪار?? جي ذريعي حڪومت وڌ کان وڌ ٻوٽا لڳائڻ تي ڀرپور ڌيان ڏئ?? رهي آهي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي ماح??لي??تي تبديلي بابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ ٻين سينئر عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب جو چيف سيڪريٽري، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو بابر حيات تارڙ وڊيو لنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيا.