اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر فوج ۽ عدليه جي ??لاف مهم هلائڻ بند ڪري، جڏهن به نواز شريف يا مريم نواز جا ڪيس عدالتن ۾ هل?? شروع ٿين ٿا ته ڪا ليڪ سامهون اچي وڃي ٿي يا وڊيو، نه ٿيون اچن ته رسيدون سامهون نه ٿيون اچن جن جو پوري قوم کي انتظار آهي، عدالتن انهن کي ڪيترائي موقعا ڏنا، ثبوت هجن ها ته اهي پيش ڪن ها، نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جي ڪرپشن جي هر ٻار کي خبر آهي، پاڪستان جي ??ئين ۾ ٻنهي ادارن کي تحفظ حاصل آهي، اي وي ايم ۽ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ڏيڻ جي ??والي سان قانون بڻجي چڪو آهي، اليڪشن ڪميش?? اي وي ايم جي ??ريعي شفاف چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجي ??ميواري ادا ڪري، آءِ ايم ايف پروگرام منظور ٿي چڪو آهي، پاڪستاني معيشت کي استحڪام مليو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته جڏهن به نواز شريف يا مريم نواز جا ڪيس عدالتن ۾ هل?? شروع ٿين ٿا ته ڪا ليڪ يا وڊيو ته سامهون اچي وڃي ٿي پر رسيدون سامهون نه ٿيون اچن جن جو پوري قوم انتظار ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاناما اسڪينڊل ۾ دنيا جي ??دترين حڪمرانن جا نالا آيا، نواز شيف جو نالو به انهن ۾ شامل هو. شريف خاندان لنڊن اپارٽمينٽس جي ??والي سان غلط بياني سان ڪم ورتو، لنڊن ۾ انهن جا چار اپارٽمينٽس موجود آهن جتي شايد برطانيا جو وزيراعظم به اپارٽمينٽس نه خريد ڪري سگهي، مريم نواز ان وقت چيو هو ته منهنجي لنڊن ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا جائيداد نه آهي، هن ڪيلبري فونٽ جا جعلي دستاويز پيش ڪيا. اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته انهن فليٽن جي ??اچ ۾ اهي پارليامينٽ، سپريم ڪورٽ، عوام، ميڊيا، ٽرائل ڪورٽ ۾ هڪ صحيح ٿبوت به پيش نه ڪري سگهيا، عدالتن انهن کي ڪيترائي موقعا ڏنا پر انهن وٽ ثبوت هجن ها ته اهي پيش ڪن ها، انهي دوران عمران خان 40 سال پراڻيون رسيدون عدالت ۾ پيش ڪيون. هن يچو ته نيب آرڊيننس جي ??يڪشن 9 ۾ لکيل آهي ته جيڪڏهن ڪير پنهنجي ملڪيت ثابت نه ڪري سگهي ته اها ڪرپٽ پريڪٽس آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته نواز ش ريف ۽ آصف علي زرداري جي ڪرپشن جي ٻار کي خبر آهي. اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ڏيڻ جي ??والي سان قانون موجود آهي، اليڪشن ڪميشن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ??ريعي شفاف چونڊن جي لاءِ پنهنجي ??ميواري ادا ڪري. اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته وزيراعظم گهرو وزير کي پاسپورٽ ٺاهڻ بابت معاملن کي آسان بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن اوورسيز پاڪستانين کي ووٽنگ جي ??والي سان مسئلا پيش نه اچن. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو پروگرام منظور ٿي ويو آهي، پاڪستاني معيشت کي استحڪام مليو آهي، سٺيون خبرون به اچي رهيون آهن، پارليامينٽ اي وي ايم ۽ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ڏيڻ جي ??والي سان بل منظور ڪري ورتا آهن. اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته مخالف ڌر عدليه ۽ فوج جي ??لاف مهم بند ڪري، اسان جي ??ئين ۾ انهن ٻنهي ادارن کي تحفظ ۽ احترام حاصل آهي، مخالف ڌر پنهنجي ??وشل ميڊيا ۽ ڪڏهن پنهنجي ليڊرن جي ??ريعي ٻنهي ادارن کي نشاني تي رکيو آهي جيڪو غيرمناسب آهي. هڪ سوال جي ??واب ۾ اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته اقتصادي معاملن واري وف??قي وزير عمر ايوب ميريٽ هوٽل اسلام آباد ۾ مريم نواز جي پروگرام جي فنڊنگ بابت اسٽيٽ بئنڪ کي خط لکيو آهي، جهڙي طريقي سان ان پروگرام جي فنڊنگ ٿي ان تي ٺوس جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ايف آءِ اي به پنهنجي ??پورٽ ٺاهيندي، قانون موجب ان تي ڪارروائي ٿيندي.