گڏيل قومون – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن ج?? سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ۽ اسلامي سهڪاري تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر يوسف بن احمد العثيمين وچ ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ افغانستان، وچ اوڀر امن عمل ۽ ميانمار جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. گڏيل قومن ج?? پري ريليز مطابق گڏيل قومن ج?? سيڪريٽري جنرل گذريل ڏين??ن ٿيل ملاقات ۾ پنهنجي مدي دوران گڏيل قومن ۽ او آءِ سي وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏ??ڻ لاءِ ذاتي دلچسپي جو اظهار ڪرڻ تي اسلامي سهڪاري تنظيم جي سيڪريٽري جنرل جو ٿورو مڃيو.