اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته موجوده حڪومت جي سمو??ين پاليسين جو مقصد قيمتن ۾ اضافي جو بار گهٽ کان گهٽ عوام تائين منتقل ڪرڻ آهي، سمورن قدمن جو مقصد عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ آهي. هو ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين، خاص مددگار جمشيد اقبال چيمه سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان ضروري شين جون ??يمتون گهٽ ڪرڻ جون ??دايتون ڏئي رکيون آهن، هن ٻڌايو ته نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽي جو هفتيوار جلاس اربع ڏينهن وفاقي وزير شوڪت ت??ين جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ سڄي ملڪ جي سطح تي 22 ڪروڙ عوام جي روزاني جي بنياد تي استعمال ٿيندڙ سين جي قيمتن جو جائزو ورتو ويو. قيمتن کي ڪيئن عوام جي پهچ تائين رکون ان حوالي سان ان پليٽ فارم تان فيصلا سازي ٿيندي آهي، ??ن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي عام ۽ محدود وسيلن وارن ماڻهن جو احساس آهي، ??وجوده حڪومت جي سمو??ين پاليسين جو محور ۽ مرڪز ??ام ماڻهو آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي ڪووڊ جي دوران حالتون ??عمول تي نه آهن، پوري دنيا کي قيمتن ۾ اضافو درپيش آهي، شين جي پهچ لاءِ شپمنٽ ۾ بي شمار اضافو ٿيو آهي.