اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري ملڪيتون (قبضن جو خاتمو) آرڊيننس 2021ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، صد?? ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 89 تحت آرڊيننس جاري ڪيو. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آرڊيننس جو مقصد سرڪاري ملڪيتن تي غيرقانوني قبضن جو خاتمو آهي?? غيرقانوني قبضا ڇڏرائڻ جي لاءِ ??جا?? آفيسر وٽ حڪمنامو جاري ڪرڻ جو اختيار هوندو، مقرر وقت ۾ ملڪيت خالي نه ڪرڻ جي صورت ۾ آفيسر کي ڪارروائي ڪرڻ ۽ طاقت استعمال ڪرڻ جو اختيار هوندو. آرڊيننس موجب مقامي پوليس سرڪاري ملڪيتون ڇڏرائڻ جي لاءِ انتظاميا کي ضروري مدد فراهم ڪندي، قبضن جي خ??تمي تي خ??چ ٿيندڙ رقم پڻ غيرقانوني قابض کان وصول ڪئي ويندي?? غيرقانوني قبضو ڪندڙ ماڻهن کي قيد ۽ ڏنڊ کي پڻ منهن ڏيڻو پوندو. آرڊيننس موجب قبضن جي خ??تمي لاءِ صد?? پاڪستان چيف جسٽس جي مشاورت سان اپيليٽ ٽربيونل جوڙيندو، سرڪاري ملڪيتن تي قبضن جي خ??تمي بابت معاملن جي لاءِ اپيليٽ ٽربيونل ئي ??جا?? ادارو هوندو. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي (ترميمي) آرڊيننس 2021ع پڻ جاري ڪيو. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي (ترميمي) ايڪٽ 2021ع جي سيڪشن 14 ۾ ترميم ڪئي وئي.