اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته 90 لک ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ سڌارن جو عمل وقت سر مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، سمنڊ پار پ??ڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ??ان فائدو کڻي سگهجي ٿو. صدر عارف علوي جي صدارت ۾ اي ووٽنگ ۾ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي جي ذيلي ڪميٽ?? جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ريلوي وارو وفاقي وزير اعظم خان سواتي، نادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ ۽ آءِ ٽي سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اجلاس جي دوران چيو ته 90 لک سمنڊ پار پ??ڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ سڌارن جو عمل وقت سر مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. سمنڊ پار پ??ڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ??ان فائدو کڻي سگهجي ٿو. نادرا چيئرمين اجلاس کي اي ووٽنگ ۾ هن وقت تائين ٿيندڙ اڳڀرائي تي بر??فن?? ڏني. بر??فن?? دوران ٻڌايو ويو ته اي ووٽنگ تي اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، نادرا اليڪشن ڪميشن جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ مدد فراهم ڪندو، اجلاس ۾ نادرا کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو جڏهن ته اي ووٽنگ تي نادرا جي ڪوششن کي به سارا??يو ويو.