اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان معيشت جي استحڪام لاءِ صنعتي ترقي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت روانگي واپار وڌائڻ لاءِ صنعتن کي سهولتون ف??اهم ڪري رهي آهي جنهن سان نه رڳو واپاري خسارو گهٽ ٿيندو ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو، پر ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، ٽيڪس جي نظام جي بهتري لاءِ سڌارا جاري آهن، سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت سان ان عمل ۾ تيزي ۽ بهتري ايندي جڏهن ته ملڪ جي سموري وڏن صنعت ۽ واپار جي ايوانن حڪومت جي ڪاروباري دوست پاليسين ۽ ڪاروباري ۾ آ??اني لاءِ کنيل قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ ڪاروباري برادري جي مشاورت سان ٽيڪس روينيو وڌائڻ جي حڪمت عملي تي اتفاق ڪيو ويو آهي. وزير??عظ?? عمران خان سان ملڪ جي وڏي چيمبر آف ڪامرس جي صدر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، وزير??عظ?? جو واپار ۽ سيڙپڪاري بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزير??عظ?? جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر کانسواءِ لاڳاپيل عملدار به موجود هئا، جڏهن ته ناڻي وارو وزير شوڪت فياض ترين وڊيو لنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيو. ملاقات واپار واري وزارت طرفان شروع ڪيل حڪومت ۽ ڪاروباري برادري جي وچ ۾ تجويز?? جي مٽاسٽا ۽ حڪومتي پاليسين تي آگاهي وڌائڻ جي سلسلي جي ڪڙي آهي. ملاقات ۾ وفاق ايوان صنعت ۽ واپار جو صدر سان گڏوگڏ ڪراچي، لاهور، سرحد، ڪوئيٽا، گجرانوالا، سيالڪوٽ، فيصل آباد، گجرات، ملتان، سرگوڌا، گوادر، اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي چيمبرز جا صدر ۽ نائب صدر به موجود هئا. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن وزير??عظ?? ۽ سندس معاشي ٽيم کي ڪورونا وائرس جي وبا جي باوجود ملڪ ۾ ڪامياب معاشي پاليسي?? جي ڪري تقريبن 4 سيڪڙو جي ڊي پي گروٿ، وڏين صنعت?? جي واڌ جي شره ۾ 15 سيڪڙو تائين اضافي، برآمدي صنعت لاءِ سهولتن ۽ رڪاوٽ?? جي ازالي، اسٽيٽ بئنڪ جي وچولي ۽ ننڍين صنعتن لاءِ مراعتن (جنهن ۾ مشينري لاءِ قرض شامل آهن) ۽ ڪاروباري برادري کي ازبڪستا?? جي واپاري صلاحيت مان ف??ئدو کڻڻ لاءِ انهن سان گڏ رکڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان کانسواءِ ٽيڪس روينيو ۽ روانگي اوپار ۽ ٻاهرين ملڪن مان مٽاسٽا جو ناڻي ۾ اضافي تي وزير??عظ?? کي مبارڪباد پيش ڪئي، شرڪت ڪندڙن وزير??عظ?? کي پهريون ڀيرو ڪاروباري برادري جي مسئل?? جي حل لاءِ انهن جون تجويزون سڌيون سنئيون ٻڌڻ جي ان قدم کي به ساراهيو ۽ ماضي ۾ ان طرح جي ڪنهن قدم جي موجودگي نه هجڻ جي ڪري حڪومت ۽ ڪاروباري برادري جي وچ ۾ موجود ويڇي سان ملڪ ۾ ڪاروبار جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن جو به ذڪر ڪيو. شرڪت ڪندڙن اجلاس ۾ ان ڳالهه جو به اظهار ڪيو ته ڪاروباري برادري ٽيڪس ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ ٽيڪس نظام ۾ سڌارن لاءِ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندي. وزير??عظ?? ملڪيم عيشت جي مضبوطي لاءِ صنعتي ترقي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته حڪومت برآمدات وڌائڻ لاءِ صنعتن کي سهولتون ف??اهم ڪري رهي آهي جنهن سان نه رڳو واپاري خسارو گهٽ ٿيندو ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو پر ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته ٽيڪس جي نظام جي بهتري لاءِ سڌارا جاري آهن، سمورن لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت سان ان عمل ۾ تيزي ۽ بهتري ايندي. وزير??عظ?? وفاقي وزيرن کي اسٽيڪ هولڊرز سان مسلسل رابطي ۾ رهڻ ۽ انهن جون تجويزون ۽ مسئلا ٻڌڻ لاءِ باقاعدگي سان ملاقات?? جي هدايت جاري ڪئي، وزير??عظ?? وڌيڪ چيو ته سياحت جي صنعت جي ترقي لاءِ لائحه عمل، زراعت جي ترقي لاءِ جامع ايگريڪلچرل پلان ۽ صنعتن کي مراعتون ۽ سهولتون ف??اهم ڪري رهيا آهيون، موجوده حڪومت صنعتڪارن ۽ ڪاروباري برداري کي سهولتون ف??اهم ڪرڻ کانپوءِ پنهنجو ڌيان هاڻي مشاورت سان مسئل?? جي حل لاءِ ڪوششن تي ڏئي رهي آهي.