اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستا?? افغانستان ۾ آمريڪا سان امن لاءِ حصيدار بڻجڻ جي لاءِ تيار آهي پر پنهنجي سرزمين تي آمريڪي ??وجي اڏن جي اجازت نه ڏيندو، اسان ان جي سٽ سهي نٿا سگهون، اسان پهرين ئي ان جي وڏي قيمت ادا ڪري چڪا آهيون، افغانستان ۾ ڪو هڪ اسان جو ??سن??يده نه آهي، ڪنهن به اهڙي حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون جنهن کي افغان عوام جو ??عت??اد حاصل هجي، خطي ۾ امن ۽ ترقي لاءِ هڪ نئين علائقائي ميثاق جي ضرورت آهي. مشهور آمريڪي اخبار ”واشنگٽن پوسٽ“ ۾ لکيل پنهنجي مضمون ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستا?? افغانساتن ۾ امن لاءِ آمريڪا سان حصيدار بڻجڻ لاءِ تيار آهي پر افغانستان مان آمريڪي ??وج جي نڪرڻ کانپوءِ اسان ڪنهن وڌيڪ تڪرار جو خطرو نٿا کڻي سگهون.