اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين مولانا فضل الرحمان جي بيان ”اسان 24 ڪلاڪ به جنگ وڙهڻ جي قابل نه آهيون“ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته بزرگ مولانا صاحب نوجوان بلاول ڀٽو پاران ”عزت افزائي“ جو صدمو برداشت نه ٿو ڪري سگهي ان لاءِ هاڻي انهن معاملن تي ڳالهائي رهيو آهي جن جي کيس خبر ئي نه آهي. پن??نجي هڪ بيان ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته ??ولانا فضل الرحمان غيرذميواراڻي بيانن کان پاسو ڪري، مولانا کي پاڪستان جي ص??احيتن تي ان وقت به شڪ هو جڏهن هو چوندو هو ته طالبان جبلن تي پهچي چڪا آهن.