اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ مخالف ڌر جي ريڪيوزيشن تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ تي ات??اق ڪندي چيو آهي ته مخالف ڌر جو هنگامو عوام ۽ جمهوريت جي خدمت جي ابتڙ آهي. اسپيڪر سان وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ قانونسازي ۽ قومي اهميت جا اهم معاملا بحث هيٺ آيا. ملاقات ۾ مخالف ڌر جي ريڪيوزيشن تي اجلاس گهرائڻ ج?? فيصلو ڪيو ويو ۽ ايوان جي ڪا??روائي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن تحت هلائڻ تي ات??اق ڪيو ويو. اسپيڪر چيو ته ايوان ۾ هنگامه آرائي سان نه جمهوريت جي خدمت آهي نه ئي عوام جي، ??جلاس ۾ قانونسازي ۽ قومي اهميت جي اهم مسئلن کي بحث هيٺ آندو ويندو. اسد قيصر چيو ته ايوان جي ڪا??روائي خوشگوار ماحول ۾ هلندي ته عوامي اهميت جا معاملا ۽ قانونسازي بهتر انداز ۾ ڪري سگهجي ٿي، ??وام جون نظرون پنهنجي چونڊيل نمائندن ڏانهن آهن، چونڊيل نمائندا پارليامينٽ جو موثر انداز ۾ استعمال ڪري عوامي مسئلن جو حل تج??يز ڪري سگهن ٿا.