اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي چيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر اهو ثابت ٿي ويو ته پلوا??ا حملو پاڪستان جي خلاف ڀارتي سازش هئي. هڪ بيان ۾ شهريار آفريدي چيو ته پلوا??ا حملي جو مقصد پاڪستاني ۽ ڪشميري حريت ڪارڪنن ۽ آز??دي پسندن تي ان حملي جو الزام هڻڻ هو، ڀارتي انٽيليجنس جي پاڪستان مخالف ايجنڊائن تي ڪارروائي بي ن??اب ٿي وئي، ڊس انفو ليب رپورٽ کانپوءِ هاڻي ارناب گيٽ به ڀارتي انٽيليجنس جو ڪڌو چهرو بي ن??اب ڪري ڇڏيو.