اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) سينيٽ هائوس ڪميٽي جو اجلاس سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت ۾ پارليامينٽ لاجز ۾ ٿيو، جنهن ۾ گذريل اجلاس ۾ ڏنل سفارشن تي عملدرآمد، پارليامينٽ جي لاجز جي روزمره جي تعم??ر ۽ مرمت ۽ اضافي ب??اڪن جي حوالي سان سي ڊي اي ۽ لاڳاپيل ادارن تفصيلي بريفنگ ڏني. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو ته پارليامينٽ لاجز جي اضافي ب??اڪ جي تعمير ۾ تمام گهڻي دير ٿي چڪي آهي ۽ سڀئي ادارا گڏيل رابطاڪاري جي ذريعي مسئلن کي حل ڪن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته اضافي ب??اڪس ۾ انتظامي سطح تي مسئلا پيدا نه ٿيندا ۽ سڀني سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. ڪجهه ڪميٽي جي ميمبرن سي ڊي اي عملدارن پاران پارليامينٽ لاجز جي تعم??ر ۽ مرمت تي دير ت?? ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پارليامينٽ لاجز ۾ مقرر سي ڊي اي جي عملي کي بار بار مسئلن جي حل لاءِ چيو ويو پر اڃا تائين مسئلا جيئن ??و تيئن ??هن ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي رهي.