اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم غريب، لاچار ۽ پورهيت طبقي کي پناهگاهن ۾ باعزت طريقي سان ڇت ۽ بنيادي سهو??تن جي فراهمي جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته اسلام آباد ج?? ماڊل پناهگاهن جو دائرو ٻين صوبن تائين وڌايو ويندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار پناهگاهن جي پروگرام کي معياري سهو??تن سان ليس ڪرڻ ۽ پائيدار بنيادن تي هلائڻ جي لاءِ کنيل عملي قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظ?? جي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر، وزيراعظ?? جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار، پناهگاهه بابت فوڪل پرسن نسيم الرحمان، بيت المال جي ايم ڊي عون عباس بپي ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظ?? جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار ٽائيگر فورس جي رضاڪارن پاران پناهگاهن جي دورن ۽ صورتحال جي حوالي سان شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر شرڪت ڪندڙن کي پناهگاهن جي نظم ۽ ضبط کي وڌيڪ منظم ۽ پائيدار بڻائڻ ۽ پناهگاهن جي حوالي سان وزيراعظ?? جي ويزن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ تجويز ڪيل تنظيمي ڍانچو پيش ڪيو. وزيراعظم عمران خان بي گهر ماڻهن خاص طور تي پورهيت طبقي کي پناهگاهن ۾ باعزت ۽ معياري سهو??تن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو ته پناهگاهن ۾ موجود عملي جي تربيت سان گڏوگڏ پناهگاهن ۾ دستياب سهو??تن جو باقاعدگي سان جائزو ورتو وڃي. اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ 5 پناهگاهن کي ماڊل پناهگاهون بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وفاقي گ??دي واري شهر جي ماڊل پناهگاهن جي طرز تي ٻين صوبن جي پناهگاهن جي انتظآمي معاملن ۽ سرنديءَ وارن جي حصيداري سان معياري سهو??تن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو.