اسلام آ??اد – 02 جون (اي پي پي) قومي رابطا ڪميٽي ۾ سمورن صوبائي وڏن وزيرن طرفان ڪيل فيصلن تي عملدرآمد لاءِ مروجه پلان نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر کي موڪل??ا وڃن ته ج??ئن فيصلن تي عملدرآمد کي موثر ۽ يقيني بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزير اسد عمر اين سي او سي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو جنهن ۾ اين سي او سي ڪيل فيصلن تي آئنده ج?? لائحه عمل، سياحت جي شعبي ??ي کولڻ بابت تجويزن ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد جي حوالي سان غور ڪيو، اسد عمر جو وڌيڪ چوڻ هو ته صوبائي چيف سيڪريٽريز سان عملدرآمد لاءِ جوڙيل لائحه عمل اين سي او سي ۾ پيش ڪيو وڃي، هن خبردار ڪيو ته بازار، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ صنعتي شعبا انتهائي خطرناڪ جايون آهن جتي ڪورونا جي پکڙجڻ جو خدشو تمام گهڻو آهي جنهن جي لاءِ ايس او پيز تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي.