ڊيووس – 21 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪشمير معاملي تي هڪ دفعو ٻيهر ڪرد??ر ادا ??رڻ جي آڇ ڪندي چيو آهي ته اسان جي ڪشمير معاملي تي گهري نظر آهي، آمريڪا ڪشمير جي حوالي سان ڪرد??ر ادا ??ري سگهي ٿو، پاڪستان ۽ آمريڪا جيترا اڄ ويجها آهن ان کان اڳ ۾ ڪڏهن به ناهن رهيا. اهڙن خيالن جو اظ??ار آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وزيراعظم عمران خان سان عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي وفدن جي سطح تي ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صحاف??ن سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي.