رياض-05 جولاءِ(اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان چيو آهي ته غزه پٽي ۾ في الحال جنگ ??ندي جا آثار نظر نه ٿا اچن. ميڊيا رپورٽن موجب ميڊرڊ ۾ ٿيل پرڏيهي معاملن بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته گڏيل قومن جي فيصلي جي روشني ۾ سعودي عرب غزه ۾ عالمي فوج مقرر ڪرڻ جي حمايت ڪري ٿو. ان عالمي فوج جو مقصد فلسطيني اٿارٽي جي مدد ڪرڻ هوندو. شهزاده فيصل بن فرحان چيو ته غزه ?? اولهه ڪناري ۾ اسان کي روزانو اهڙا منظر ڏسڻ ۾ اچن ٿا جيڪي فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل کي خطرن ۾ وجهي رهيا آهن.هن چيو ته اسپين سميت ٻين يورپي ملڪن پاران فلسطيني رياست کي تسيلم ڪرڻ جا اعلان ام??د جو هڪ ڪرڻو آهن. شهزاده فيصل بن فرحان چيو ته اسان کي لبنان جنگ ??ي ڦهلجڻ ج?? خدشو آهي ڇاڪاڻ ته لبنان ۾ ڪو به مستحڪم سياسي منظر نامو نظر نه ٿو اچي. هن پنهنجي خطاب ۾ ان ام??د جو اظهار ڪيو ته غزه ۾ جاري جنگ ??ڪجڻ سان لبنان ۽ اسرائيل وچ ۾ سرحدي ڇڪتاڻ رڪجڻ ۾ مدد ملندي.