GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

نگران وزيراعظم پاران چين پاڪستان اقتصادي لنگهه تي عملدرآمد جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ، ان منصوبي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي منظرنامي کي بدلائي ڇڏيو آهي: انوارالحق ڪاڪڙ

image

اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه تي عملدرآمد جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ان منصوبي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي منظرنامي کي بدلائي ڇڏيو آهي، اسان جو رشتو ماضي، حال ۽ مستقبل جو آهي، ان حقيقت کي ڪا به شيءَ نه ٿي بدلائي سگهي، چين پاڪستان دوستي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو سبب آهي، پاڪستان ۽ چين ويجها دوست، حصيدار ۽ مضبوط ڀائرن جي حيثيت سان گڏيل مستقبل جي منزل طرف وڌي رهيا آهن. چين جي دوري جي موقعي تي ناليواري چيني اخبار گلوبل ٽائيمز ۾ پنهنجي خصوصي مضمون ۾ نگران وزيراعظم چيو ته بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) صدر شي جن پنگ جي بصيرت ۽ دروانديشي جو هڪ اهم منصوبو آهي. اسان صدر شي جن پنگ جي ويزن ۽ مدبراڻي صلاحيتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن 10 سال اڳ بني نوع انسان جي لاءِ گڏيل مستقبل جي لاءِ هڪ ڪميونٽي جو ويزن پيش ڪيو. هن چيو ته هم آهنگي ۽ گڏيل دارومدار تي چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي فليگ شپ منصوبي طور تي پاڪستان بي آر آئي ۾ شامل ٿيندڙ ملڪن ۾ پهريون ملڪ هو. سي پيڪ پاڪ چين لاڳاپن ۾ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ان پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي منظرنامي کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جديد انفراسٽرڪچر کي اپ گريڊ ڪيو آهي، علائقائي رابطن کي وڌايو آهي، توانائي جي حفاظت کي يقيني بڻايو آهي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا آهن. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي عملدرآمد ۽ تڪميل جي لاءِ پرعزم آهي. اسان چين جي سي پيڪ جي بطور ترقي، روزگار جي ذريعي، گرين اڪانومي، هر هڪ جي پهچ ۽ جامع لنگهه جي تجويز جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا. هن چيو ته بي آر آئي گڏيل مستقبل جي عالمي برادري جو هڪ اهم ٿنڀ آهي. گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو (جي ڊي آئي)، گلوبل سيڪيورٽي انيشي ايٽو (جي ايس آئي) ۽ گلوبل سولائيزيشن انيشي ايٽو (جي سي آئي) ”گڏيل ڪميونٽي“ جي تصور کي وڌيڪ بهتر ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ڊي آئي گروپ آف فرينڊز جو پڻ هڪ اهم ميمبر آهي ۽ ان کي وڌيڪ ٺوس شڪل ڏيڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته جي ڊي آئي تي مفاهمت جي ياداشت (ايم او يو) تي صحيحون ڪندڙ پهرين ملڪ طور پاڪستان تعليم، صحت، موسمياتي تبديلي ۽ غربت ۾ گهٽتائي جي شعبن ۾ ان تعاون مان وقتائتي انداز ۾ فائدو کڻڻ جي لاءِ تيار آهي، اهڙي طرح پائيدار ترقي جي هدفن کي وقت سر پورو ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ايس آئي ۽ گڏيل قومن جي منشور ۽ گهڻ رخن اصولن ۽ اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت جي پڻ حمايت ڪئي آهي. اسان حل نه ٿيندڙ تڪرارن ۽ دهشتگردي جي ڪري ڊگهي عرصي تائين نقصان کڻڻ سان متاثر ڏکڻ ايشيا ۾ علائقائي امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏيل احترام تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه جي حمايت ڪريون ٿا. هن چيو ته جي سي آئي صدر شي جن پنگ جو هڪ ٻيو تاريخي ۽ وقتائتو قدم آهي، جيڪو اختلافن ۾ ورتل دنيا ۾ تهذيبن جي وچ ۾ مڪالمي، امن ۽ مفاهمت جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جا مقصد سدائين اندروني ۽ ٻاهريون امن رهيا آهن، تڪرارن، معاشي ٻاڙائي، غذائي عدم تحفظ، سماجي اڻبرابري ۽ موسمياتي تبديلي جهڙن ڪيترن ئي چئلينجن ۾ ورتل دنيا ۾ پاڪ چين اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جي اهميت تمام وڌيڪ آهي. اهو ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ فخر ۽ سڪون جو سبب آهي جيڪو خطي جي اندر ۽ ٻاهر امن ۽ استحڪام جا اهم عمل آهن. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪ چين لاڳاپا ڀائيچاري، دوستي ۽ اعتماد جو اهو باب آهي جنهن جا بنياد 70 سالن کان وڌيڪ عرصو اڳ رکيا ويا هئا. ان وقت ٻنهي ملڪن جي قيادت جي ويزن سان لاڳاپن جي لاءِ ٺوس بنياد رکيو ويو جنهن کي بعد ۾ هڪ مضبوط، متحرڪ، هر آزمائش تي پورو لهندڙ، هر قسم جي حالتن ۾ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري ۾ پروان چاڙهيو ويو. هن چيو ته آئون انهن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏيان ٿو ۽ فخريه طور تي چين کي پنهنجو بهترين دوست چوان ٿو. هن چيو ته اها ڳالهه وڏي دل نشين آهي ته چين ۾ آئرن برادر جي اصطلاح رڳو پاڪستان جي لاءِ مخصوص آهي. پاڪستان ۽ چين جي لازوال حصيداري ۽ گهري دوستي ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، جيڪا اسان جي عوام جي تاريخي چونڊ آهي. هن چيو ته چين جي پنهنجي پهرين دوري ۾ عالمي تعاون جي لاءِ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شرڪت ڪندس. چين سان پاڪستان جا لاڳاپا اسان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهن. ڀائيچاري جي تاريخي يڪجهتي سان گڏ، اسان جا ٻئي ملڪ هر قسم جي حالتن ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل آهن، ٻنهي ملڪن جي عوام جو هڪ ٻئي جي لاءِ پيار ۽ محبت جو رشتو حقيقت ۾ جبل کان اونچو، سمنڊ کان گهرو ۽ ماکيءَ کان مٺو آهي. هن چيو ته قديم شاهراهه ريشم جي ذريعي هلندڙ واپار ۽ جاگرافيائي ويجهڙائپ ٻنهي عظيم ايشيائي تهذيبن کي هڪ ٻئي جي بلڪل ويجهو کڻي آئي. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪ چين لاڳاپن جو هڪ تاريخي ارتقا، علائقائي ۽ عالمي ترقي جي ڏس ۾ ان جي وڌندڙ اهميت بين الرياستي لاڳاپن جو عظيم مثال آهي. مضبوط سياسي حمايت گڏيل اعتماد ۽ عملي تعاون جي بنياد تي 7 ڏهاڪن تي ٻڌل منفرد رشتو مضبوط اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ پروان چڙهيو آهي. هن چيو ته اسان جو ماضي، حال ۽ مستقبل جو رشتو آهي. ۽ ٻي ڪا به شيءَ ان حقيقت کي بدلائي نه ٿي سگهي. هن چيو ته اسان پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ اقتصادي سلامتي جي حمايت ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي تي اصولي حمايت تي چين جا ٿورائتا آهيون. اسان ون چائنا پاليسي ۽ تائيوان، هانگ ڪانگ، تبت، سنڪيانگ ۽ بحيره ڏکڻ چين سميت بنيادي مسئلن تي چين جي حمايت جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ چين ويجها دوست، اسٽريٽجڪ حصيدار ۽ مضبوط ڀائرن جي حيثيت سان گڏيل مستقبل جي منزل طرف وڌي رهيا آهن. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته پاڪ چين دوستي ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندي ۽ ايندڙ سالن ۾ اهو ڀائيچارو، حصيداري ۽ دوستي وڌيڪ بلندين تي ويندي.

مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena
متعلقہ مضامین
مزید خبریں